ديوان عاشق

ديوان عاشق (ڪتاب): ديوان عاشق ايران جي نامور شاعر آقا محمد ڪريم اصفهاني ’عاشق‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. عاشق اصفهاني ڪيترا سال ٺٽي ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. ٺٽي ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ مختلف سرڪاري عهدن تي رهيو. شاهبندر، غلام شاهه ڪلهوڙي جي جوڙايل شاهه ڳڙهه جي ڀر ۾ نئين تعمير ڪرايل هن بندر تي ناظم جي حيثيت ۾ رهيو ۽ تمام گھڻي شهرت ماڻيائين. نادر شاهه افشار جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جو حڪومتي نظام درهم برهم ڪيو، تڏهن ٺٽي جي ماڻهن محمد ڪريم اصفهانيءَ کي پنهنجو وڪيل بڻايو. محمد ڪريم هن عهدي تي امير توڙي غريب هر ڪنهن کي راضي ڪيو ۽ 1155هه/1742ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ٺٽي ۾ جلوه گاهه امامين جي احاطي ۾ دفن آهي. محسن ٺٽوي ’محڪ ڪمال‘ محمد ڪريم جي چوڻ تي مرتب ڪيو هو. هن جي ديوان ۾ غزلن کانسواءِ قصيدا، قطعات ۽ رباعيون پڻ شامل آهن. اهو ديوان ويجھڙائيءَ ۾ ايران ۾ شايع ٿي چڪو آهي ۽ ٺٽي ۾ لکيل ديوان جو قلمي نسخو هن وقت سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


لفظ ديوان عاشقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو